ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو جي ڪچي واري علائقي ۾ ھلندڙ ڪلهوڙا لاکير تڪرار ۾ ڪجهه ڏينھن پھريان ڌرين ۾ ٿيل فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان حاڪم ڪلهوڙو فوت ٿي ويو آھي، ذريعن موجب درگاھه لوڙهائي فقير ويجهو ڪريم آباد جو رهواسي حاڪم ڪلهوڙو کي مبينا قبضي واري زمين تي ٿيل فائرنگ ۾ زخمي ٿي، بعد ڪنهن مقامي اسپتال ۾ آڻڻ بجائي ڳجهه ۾ نوشهرو فيروز ضلعي کان ٻاهر ڪنهن اسپتال نيو ويو هو، جتي هو اڄ فوت ٿي ويو اطلاع آهن ته فوتي حاڪم جو لاش رات دير بعد بکري ٿاڻي آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي ليٽر بعد لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنڊيارو اسپتال آندو ويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ٻڌائي پئي وڃي .