ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ڪورٽ ٻاهران قتل ڪيس ۾ نامزد وڪيل بلال غوري جي ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ جوابدار فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته سندس ڪار جي ٽڪر لڳڻ سبب روڊ تي بيٺل پورهيت پنهل مڱريو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن بعد زخمي پورهيت کي تعلقي اسپتال ڪنڊيارو نيو ويو، جڏھن ته پوليس تڪڙي ڪارروائي ڪندي وڪيل بلال غوري جي ڀاء تعمور غوري کي گرفتار ڪري ورتو واضع رهي ته محرابپور جي بينڪ ملازما فروا رياض جي قتل ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار ۽ محرابپور بار جي اڳواڻ بلال غوري وڪيل جي ضمانت پڪي ڪرڻ واري درخواست ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڪنڊيارو جاويد حيدر ڦلپوٽو رد ڪري ڇڏي. جنهن بعد هو ڪورٽ مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.