ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ پريل سرگاڻي ۾ 8 مهينا اڳ قتل ٿيل ڳوٺاڻي جي خون جو نبيرو، جوابدار ڌر تي 50 لک روپيا ڏنڊ، خبر موجب 8 مهينا اڳ ڳوٺ پريل سرگاڻي ۾ مظھر سرگاڻي قتل ٿيو هو، جنهن جو نبيرو سرگاڻي چڱي مڙس روشن سرگاڻي، محبوب ابڙو ۽ وزير ڪليري جي سرپئنچي ۾ دلدار سرگاڻي وٽ ٿيو، فيصلو ڪندڙن ٻنهي ڌرين جي امينن جي موجودگي ۾ پاڪ ڪتاب تي ڳالهيون ٻڌيون، جنهن بعد فتويٰ جاري ڪئي وئي، جنهن تحت قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جمن سرگاڻي ڌر تي 50 لک روپيا ڏنڊ وڌو ويو، جڏھن ته جوابدار ڌر مقتول جي وارثن جي تڏي تي وڃي معافي پڻ وٺندي، جوابدار ڌر ڏنڊ جا پئسا ٽن قسطن ۾ ادا ڪندي، رقم ملڻ بعد فريادي ڌر ڪيس تان هٿ کڻندي، ڌرين پاران اهڙي فيصلي کي قبول ڪيو ويو، نبيري کان پوءِ ڌريون پاڪ ڪتاب تي کير کنڊ ٿي ويون،