ڪنڊيارو: زبردستي پرڻائڻ تان ناري ٿاڻي پهتي، عدالت پيش

0
24
ڪنڊيارو: زبردستي پرڻائڻ تان ناري ٿاڻي پهتي، عدالت پيش
ڪنڊيارو: زبردستي پرڻائڻ تان ناري ٿاڻي پهتي، عدالت پيش

ڪنڊيارو(ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ ناري زبردستي پرڻائڻ خلاف ٿاڻي تي پهچي وئي، لاکا موري واسڻ ناري روشنا مستوئي ڪنڊيارو ٿاڻي تي پهچي دانهيو ته سندس والدين مرضي خلاف شادي ڪرائي رهيا آھن، پوليس ناري کي فرسٽ سول ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ڪنڊيارو جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ڳوٺ لاکا موري ڀريا ٿاڻي جي حد ۾ هجڻ ڪري ڪنڊيارو پوليس کي حڪم ڪيو ته ناري کي ڀريا پوليس حوالي ڪيو وڃي، ڪنڊيارو پوليس عدالت جي حڪم کانپوءِ ناري کي ڀريا پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، ڪنڊيارو پوليس موجب ناري ڪنڊيارو ٿاڻي تي پهچي دانهيو ته سندس ڀائر ۽ مائٽ سندس مرضي خلاف شادي ڪرائي رهيا آهن، جنهن بعد ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيو.