ڪنٽينر تي شخص نماز نه پڙهي رهيو هو، ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي رهيو هو: عطاءَ تارڙ

0
24
ڪنٽينر تي شخص نماز نه پڙهي رهيو هو، ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي رهيو هو: عطاءَ تارڙ
ڪنٽينر تي شخص نماز نه پڙهي رهيو هو، ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي رهيو هو: عطاءَ تارڙ

آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي تصويرون ٺاهيون پيون وڃن، تحريڪ انصاف سوشل ميڊيا تي ڪوڙين خبرن جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، غزه جون وڊيوز ڊي چوڪ جون چئي استعمال ڪيون پيون وڃن: وفاقي وزير عطاءَ تارڙ جي راولپنڊي ۾ پريس ڪانفرنس، عطاءَ تارڙ چيو ته هاڻي لاشن جي سياست ڪئي پئي وڃي، پمز ۽ پولي ڪلينڪ اسپتال جو بيان آهي ته انهن وٽ ڪو به لاش نه آيو، عطاءَ تارڙ چيو ته ڪنٽينر تي شخص نماز نه پڙهي رهيو هو، ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهي رهيو هو، هن ڀيري گرفتار ڪيل سمورن ماڻهن کي سزا ڏني ويندي، هڪ ماڻهو آزاد نه ٿيندو.