راولپنڊي (م ڊ) ڀارتي فوج پاڪستاني سرحدن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد پاڪ فوج جي جوانن جوابي فائرنگ ڪري ڀارتي بندوقون خاموش ڪرائي ڇڏيون. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج گذريل رات ڪنٽرول لائن تي مختلف جاين تان فائرنگ شروع ڪري ڏني، بنا جواز فائرنگ ڪنٽرول لائن جي نجلا سيڪٽر، کوئي رٽا سيڪٽر، شاردا سيڪٽر، ڪيل سيڪٽر، نيلم سيڪٽر ۽ حاجي پير سيڪٽرز تي به ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي جوانن ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪري ڀارتي بندوقون خاموش ڪرائي ڇڏيون.