شاهپور جهانيان/دولتپور صفن(رپورٽ:مشتاق علي ڏاهري+پيرل پلي) شاهپور جهانيان ڀرسان ڳوٺ ڳاهنڊ ۾ انڙ برادري جي شادي ۾ ڪنوار پاران نڪاح وقت حق مهر ۾ سنڌو درياءَ مٿان نوان ڪئنال خلاف احتجاج جو شرط رکيو. رابطو ڪرڻ تي ڪنوار جي ڀاءُ لالا موسيٰ انڙ ٽائيم نيوز کي ٻڌايو تي ٻڌايو اڄ منهنجي جي ڀيڻ جو نڪاح هو سو ان نڪاح کان اڳ اسان جي ناٺي غلام مجتبيٰ عرف راجا سان شرط رکيو ته توهان اڳ ۾ پنهنجي شادي واري ڪاڄ ۾ سنڌو درياءَ مٿان نوان ڪئنال خلاف احتجاج ڪندو پوءِ نڪاح ڪنداسين. اهڙو شرط ٻڌڻ سان ئي گهوٽ غلام مجتبيٰ عرف راجا به شرط قبول ڪندي ڪئنال خلاف پھريان احتجاج ريڪارڊ ڪرايو ۽ سڀني سنڌو مٿان ڪئنال نامنظور جا زوردار نعرا هنيا ان کان پوءِ نڪاح ڪيو ويو.