اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تفصيلي فيصلي جو انتظار، اليڪشن ڪميشن جو اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو. ذريعن موجب اجلاس دوران ليگل ٽيم طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن کي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ آگاهي ڏني وئي ته سپريم ڪورٽ جو تفصيلي ۽ تصديق ٿيل ڪاپي اڃا تائين ناهي ملي سگهي، چيف اليڪشن ڪمشنر ليگل ٽيم جي ڪم کي ساراهيو ۽ چيو ته سياسي جماعتن جي اعتراضن جي روشني ۾ اضافي سيٽن جي ڪوٽا ٻيهر نئين سر ڪڍڻي پوندي. الڪيشن ڪميشن جي ذريعن موجب تفصيلي عدالتي فيصلي ۽ مڪمل تياري کانپوءِ اضافي سيٽن بابت ڪو حتمي فيصلو ڪيو ويندو. اجلاس دوران پشاور هاءِ ڪورٽ طرفان اضافي سيٽن تي جاري اسٽي آرڊر بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.