اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ايف آءِ آر بنا نه گرفتاري ٿي سگهي ٿي ۽ نه ئي مئجسٽريٽ جي آرڊر بنا ڪنهن کي حراست ۾ رکيو ويندو آهي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز ٽرائل متعلق ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس جمال مندوخيل وزارت دفاع جي وڪيل کي مخاطب ڪندي چيو ته 20 منٽن تائين پنهنجا دليل مڪمل ڪريو. جنهن تي خواجه حارث چيو ته ڪوشش ڪندس ته اڄ دليل مڪمل ڪريان. ايڊيشنل اٽارني جنرل عمار رحمان چيو جيڪڏهن وزارت دفاع جي وڪيل دليل اڄ مڪمل ڪيا ته اٽارني جنرل سڀاڻي دليل ڏيندو. ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ڇا پوليس ۾ آءِ جي اپيل ٻڌندو آهي. يا ايس پي ڪيس هلائيندو آهي. ڀارت ۾ به آزادانه فورم موجود آهي. ايف آءِ آر کان بغير گرفتاري ناهي ٿي سگهندي. نه ئي مئجسٽريٽ جي آرڊر کان بغير ڪنهن کي حراست ۾ رکي سگهجي ٿو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته 9 مئي واقعن جي جوابدارن تي آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ٿيا. فوج سڌي ريت ڪيس داخل نه ڪرايا. آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي 16 اپريل تائين ملتوي ڪندي خواجه حارث کي 30 منٽن ۾ دليل مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس امين الدين خان چيو خوارجه حارث بعد اٽارني جنرل کي به ٻڌنداسين. خواجه حارث جواب ڏنو ته ججز جا سوال وڌيڪ نه هجن ها ته اڄ ئي دليل مڪمل ڪريان ها. جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏيندي چيو ته سڀاڻي جي ذميداري مون تي آهي. ڪنهن کي سوال نه ڪرڻ ڏيندس. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته مان يقين ڏياريا ٿو ته هاڻي ڪو سوال نه ڪندس. جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته فصيل صديقي کي ايف بي علي جو نالو وٺڻ کان روڪيو هو. هاڻي روز ايف بي علي جو نالو ورتو ويندو آهي.