ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مشهور اداڪاره پريتي زنٽا سياسي جماعت ڪانگريس ڪيرالا کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي، ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب ڪانگريس ڪيرالا دعويٰ ڪئي آهي ته اداڪاره پريتي زنٽا پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽس هڪ سياسي جماعت (بي جي پي) کي ڏئي ڇڏيا آهن، ڪانگريس ڪيرالا ٽويٽ ۾ اهو به چيو ته پريتي زنٽا جو 18 ڪروڙ رپين جو قرض به معاف ڪيو ويو آهي، ان دعويٰ تي اداڪاره سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ۽ ان ٽويٽ کي غلط ۽ ڪوڙي خبر قرار ڏيندي ٻڌايو ته اها پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽس پاڻ ڏسندي آهي، پريتي زنٽا ڊگهي جواب ۾ لکيو منهنجي نالي ۽ تصوير جو استعمال ڪدني فضول ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، مان پنهنجا سوشل ميڊيا اڪائونٽس پاڻ هلائيندي آهيان ۽ جعلي خبرن کي هٿي وٺرائڻ تي اوهان کي شرم اچڻ گهرجي، ڪنهن منهنجو قرض معاف ناهي ڪيو ۽ نه منهنجي جڳهه تي ڏنو، هن وڌيڪ چيو ته مان حيران آهيان ته هڪ سياسي جماعت يا سندن نمائندو منهنجي نالي ۽ تصوير جو استعمال ڪندي ڪوڙين خبرن کي هٿي وٺرائي رهيو آهي ۽ افواهن ۾ ملوث آهي، مون 10 سال اڳ قرض ورتو هو، جيڪو مان لاهي چڪي آهيان، اميد آهي ته اهو ڪافي هوندو ته جيئن مستقبل ۾ ٻيهر اهڙي قسم جي غلط فهمي نه ٿئي.