راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته فيض حميد ڪيس ۾ جيڪو به ملوث هوندو انهي جو ڪو به عهدو هجي يا حيثيت سندس خلاف ڪارروائي ضرور ٿيندي.ڪنهن به سياسي پارٽي خلاف آهيون نه ئي وري طرفدار،جڏهن کان افغانستان ۾ حڪومت آئي آهي، دهشتگردن جي سهولتڪاري وڌي چڪي آهي، ملڪ ۾ ڪوبه اهڙو علائقو نه آهي جتي دهشتگردن جي عملداري نه هجي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فوجي ترجمان چيو ته  بلوچستان کي 520 ارب وفاق ڏئي رهيو آهي صوبائي حڪومت 254 ارب رپيه رائلٽي وٺندي آهي جڏهن ته معدنيات جي پروجيڪٽ ۾ 80 سيڪڙو بلوچستان جا ماڻهو آهن. جيڪي حقيقتون اسان اوهان جي سامهون رکيون آهن انهي کان پوءِ اوهان کي اهڙن بيانن ۾ جهول نظر ايندو جيڪي غلط ٺاهيا ويا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج نه ڪنهن پارٽي جي مخالف آهي نه ان جو ڪو سياسي ايجنڊا آهن جيڪڏهن فوج ۾ ڪوبه پنهنجي ذاتي فائدي جي لاءِ ڪنهن مخصوص سياسي ايجنڊا کي هٿي ڏئي ٿو ته احتساب جو نظام  حرڪت ۾ اچي ويندو آهي ۽ ثبوت جي روشني ۾ ذميوارن کي جواب ڏيڻو پوندو آهي. ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد جي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل بابت ڳالهيون ڪندي هن چيو ته جنرل(ر) فيض جي خلاف ٽاپ سٽي ڪيس ۾ درخواست دفاع واري وزارت جي ذريعي ملي هئي.  12 آگسٽ تي فوج آگاهه ڪيو ته(ر) آفيسر آرمي ايڪٽ جون ڀڃڪڙيون ڪيون آهن ۽ ريٽائرمينٽ کان پوءِ به آرمي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جا ڪيترائي واقعا سامهون آيا جنهن تي ڪورٽ مارشل جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان جو احتساب جو عمل شفاف آهي، اسان الزامن تي نه پر ثبوتن ۽ شاهدين تي ڪم ڪندا آهيون. فيض حميد انهي ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪ فوج ذاتي ۽ سياسي مفادن جي لاءِ ڪيل ڀڃڪڙين کي سنجيده وٺندي آهي ۽ بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته فيض حميد ڪيس ۾ جيڪو به ملوث هوندو انهي جو ڪوبه عهدو يا حيثيت هجي انهي جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، جڏهن ته سڀني کي وڪيل ڪرڻ گواهه ۽ جرح سميت سمورا حق حاصل هوندا. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته اهڙي طرح جي بنا ڪنهن فرق جي خود احتسابي ٻين ادارن کي ترغيب ڏئي ٿي ته جيڪڏهن ڪوبه ذاتي يا سياسي مقصد جي لاءِ پنهنجي عهدي جو استعمال ڪري ٿو ته  اهي  انهي کي به جوابده ڪن.