ڪنهن سياسي ليڊر جي اقتدار جي خواهش ملڪ کان وڏي ناهي:9مئي جي ماسٽر مائينڊ سميت ڪردارن کي انجام تائين پهچائبو: فوجي ترجمان

0
30
ڪنهن سياسي ليڊر جي اقتدار جي خواهش ملڪ کان وڏي ناهي:9مئي جي ماسٽر مائينڊ سميت ڪردارن کي انجام تائين پهچائبو: فوجي ترجمان
ڪنهن سياسي ليڊر جي اقتدار جي خواهش ملڪ کان وڏي ناهي:9مئي جي ماسٽر مائينڊ سميت ڪردارن کي انجام تائين پهچائبو: فوجي ترجمان

راولپنڊي (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر، ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري هلندڙ سال نومبر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي پُرتشدد احتجاج کي سياسي دهشتگردي قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو احتجاج 2014ع ۾ پارليمنٽ ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي عمارتن ۽ 9 مئي جي پرتشدد واقعن منفي سياست ۽ تشدد جو سلسلو آهي، جمعي ڏينهن پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ جو نالو وٺڻ کان سواءِ ان احتجاج کي ”نومبر سازش“ قرار ڏنو ۽ چيو ته ”ان جي پٺيان سياسي دهشتگردي واري سوچ هئي.“ هن چيو  ته سياسي پارٽين کي گهرجي ته هو پنهنجا مسئلا ڏڦيڙي سياست بدران ڳالهين ذريعي حل ڪن، سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي پر اهي سياسي پارٽين کي ئي ڪرڻيون آهن، فوج جو هر حڪومت سان هڪ سرڪاري ۽ پيشيوراڻو تعلق هوندو آهي، فيض حميد جي ڪيس ۾ تمام حساس نوعيت جا پاسا آهن، جيڪو آفيسر سياست کي رياست کان مٿي رکندو ان کي جواب ڏيڻو پوندو، 9مئي هڪ سازش هئي جيڪي ان پٺيان هئا انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ ضروري آهي، پاڪ فوج اهڙن سانحن تي ڪنهن به قسم جي سياست ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي، 9مئي پاڪ فوج نه عوام جو ڪيس آهي، بيانيو ٺاهيو ويو ته 9 مئي واقعو فوج پاڻ ڪرايو آهي، جيڪڏهن فوج ڪرايو آهي ته سزا کانپوءِ انهن عنصرن کي خوش ٿيڻ گهرجي، 9مئي سانحي جي جوابدارن جي سزا جو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، هاڻي منصوبي سازن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو، انصاف جو سلسلو سازشي ڪردارن کي سزا  ڏيڻ تائين جاري رهندو، پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته 2021ع ۾ اسان دهشتگرن جي چيلهه ڀڃي ڇڏي هئي، ڪنهن هڪ شخص جي فيصلي تي دهشتگردن کي واپسي جو رستو ڏنو ويو، خارجين کي ڪنهن ٻيهر آباد ڪيو؟، اهڙي نام نهاد پاليسين ۽ هڪ شخص جي ضد سبب ڪي پي جو عوام ۽ اسان نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون، احتجاج ڪرڻ هر ڪنهن جو آئيني ۽ جمهوري حق آهي، احتجاج جي آڙ ۾ دهشتگردي برداشت نه ڪئي ويندي، احتجاج دوران اسلام آباد ۾ رينجرز ۽ پوليس تي حملا ڪيا ويا، مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪيو ته واويلا ڪئي وئي،  چيو ويو ته پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، انساني حقن جي تنظيمن کي پاڪستان ۾ خارجين جي دهشتگردي ڇو نظر نه ٿي اچي؟ ڪنهن سياسي ليڊر جي اقتدار جي خواهش پاڪستان کان وڌيڪ ناهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو  ته ياد رکو محفوظ پاڪستان ئي مضبوط پاڪستان آهي، دهشتگردن جا پيرا  افغانستان ۾ وڃن ٿا، افغانستان خارجي دهشتگردن کي  پاڪستان تي فوقيت نه ڏي، پاڪستاني شهرين جو رت وهايو وڃي ته ڇا اسان ويهي تماشو ڏسون، دهشتگرد پاڪستان  ۾ حملا ڪندا ته خاموش نه ويهنداسين، پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون، افغانستان ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان جو ڪردار سڀ کان اهم رهيو آهي، پاڪستان ڊگهي عرصي کان افغان مهاجرن جي ميزباني به ڪري رهيو آهي، پاڪستان جي سمورين ڪوششن، افغان عبوري حڪومت کي نشاندهي ڪرڻ باوجود افغانستان جي سرزمين تان دهشتگرد پاڪستان اندر دهشتگردي جون ڪارروايون ڪري رهيا آهن، پاڪستان دهشتگردن جا نيٽ ورڪس ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي شهرين کي تحفظ فراهم ۾ ڪا به ڪثر نه ڇڏيندو، قبائلي ضلعن ۾ 72 سيڪڙو علائقي کي بارودي سرنگهن کان پاڪ ڪيو ويو آهي، حڪومت جي هدايتن تي اسمگلنگ، بجلي چوري ۽ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، پاڪ فوج جي ترجمان واضح ڪيو ته غيرقانوني ترسيل افغان شهرين جي واپسي جو عمل به جاري آهي، سيپٽمبر 2023ع کان هن وقت تائين 8 لک 15 هزار غيرقانوني افغان شهري واپس وڃي چڪا آهن، ڀارت جي طرفان اوڀر جي سرحد تي خطرن کان مڪمل طور واقف آهيون، ڀارت هميشه جيان پنهنجي اندروني ڏڦيڙ تان ڌيان هٽائڻ ۽ خطي ۾ پنهنجو ڌاڪو ڄمائڻ لاءِ جيڪا منصوبابندي ڪري رهيو آهي، ان کان آگاهه آهيون،  هلندڙ سال ڀارت طرفان ڪيترائي ڀيرا سيز فائر جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي، اسان هر قيمت تي پنهنجي سالميت ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ هر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هلندڙ سان 59 هزار 775 ڪامياب آپريشنز دوران 925خارجي ماريا ويا، آپريشن دوران انتهائي گهربل 73 دهشتگرد ماريا ويا، مارجي ويل خارجين ۾ ميان سيد عرف قريشي ، محسن قادر ۽ عطاءَ الله عرف مهراڻ  شامل آهن، عطا الله عرف مهراڻ سوات ۾ سفارتڪارن تي حملي ۾ ملوث هو، ڪاررواين دوران 27 افغان دهشتگردن کي به جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف ڊگهي عرصي کان جنگ وڙهي رهي آهي، آخري خارجي  جي مارجڻ تائين جنگ جاري رهندي، بلوچستان مان گرفتار ڪيل آپگهاتي بمبار عورت عديلا ڌيءُ خدابخش ۽ ماهل ڌيءُ عبدالحميد انڪشاف ڪيا ته ڪهڙي طرح دهشتگرد ذهن سازي ڪري معصوم ٻارڙن، نياڻين ۽ نوجوانن کي رياست خلاف استعمال ڪري رهيا آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو ته هلندڙ سال 383 آفيسرز ۽ جوانن آپريشنز دوران پنهنجون جانيون قربان ڪيون.