ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مڪاني ادارن واري وزير مبين جماڻي چيو آهي ته اسان اهڙو روڊ ميپ ڏئي وينداسين، جنهن تي ايندڙ حڪمرانن عمل ڪيو ته صوبي ۾ بهتري اچي ويندي، اسان ڪنهن جي ”ٽيم بي“ ناهيون ۽ نه ئي وري پريشر آهي ته ڪنهن جي بي ٽيم بڻجون. ڪالهه بختياري يوٿ سينٽر جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن  چيو ته اهو منصوبو هڪ سال ۾ مڪمل ٿي ويندو، انهي ۾ ڪرڪيٽ ۽ فوٽ بال جا الڳ الڳ اسٽيڊيم ٺاهيا ويندا، هن چيو ته چونڊيل بلدياتي نمائندن کي ڊي ڊي او پاور (مالي اختيار )ڏيڻ پراڻو مطالبو هو، جنهن تي اسان عمل ڪرايو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته مڪاني ادارن جا مسئلا فوري حل ٿين ۽ ادارا مستحڪم ٿين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سياسي مخالفن هڪ ٻئي جا ڪپڙا به لاهي ڇڏيا آهن پر اسان جو ڪنهن به سياسي پارٽي سان ڪو به واسطو ناهي ۽ نه ئي اسان ڪنهن جي بي ٽيم آهيون، مون تي بي ٽيم ٿيڻ لاءِ  ڪو به دٻاءُ ناهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان وٽ قبضا مافيا جي ڪا به لسٽ ناهي،  اسان وٽ اله الدين جو  ڏيئو ناهي جو  رات وچ ۾ سڀ معاملا ٺيڪ ڪريون،  هن وڌيڪ چيو ته منهنجي دور ۾ جيڪو ماڻهو غلط ڪم ڪندو، ان کي جيل موڪليندس هن وقت تائين ايس بي سي اي جي 50 کان وڌيڪ آفيسرن ۽ ملازمن کي معطل ڪيو ويو آهي. مبين جماڻي اعتراف ڪندي چيو ته ڪراچي غير قانوني عمارتن جو جهنگ بڻيل آهي، انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي عمارتون اسان جي ماڻهن سان گڏ بلڊرز ۽ سندن ايجنٽن جي سهڪار سان ٺهيون آهن.