پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته ڪنهن جي به دٻاءُ ۾ نه ايندس، نه ئي ڪنهن جي آڏو جهڪندس، حقيقي آزادي لاءِ هر تڪليفون سهڻ لاءِ تيار آهيون، جيلن ۾ به رهڻ لاءِ تيار آهيون پر هن آمريت کي نه مڃينداسين: وڪيل فيصل چوڌري جون اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهيون، فيصل چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ باني علي امين گنڊاپور کي هدايتون ڏنيون آهن ته 8 فيبروري تي سڄي ڪي پي مان قافلا پشاور ۾ گڏ ڪري شٽربند هڙتال ڪري، سمورا صوبائي ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ۽ پارٽي عهديدار ڪاري ڏهاڙي ۾ ڀرپور نموني حصو وٺن، باني چيو ته القادر ٽرسٽ نه بلاول هائوس آهي نه ئي ايون فيلڊ هائوس، القادر يونيورسٽي کي ڪنهن به صورت ۾ شريف خاندان حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين