نئون ديرو (ن پ ا) نئون ديرو ۾ پيپلز يوٿ لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جو ورڪرز ڪنوينشن ٿي گذريو، جنهن ۾ خورشيد جوڻيجو، اعجاز لغاري، جاويد ناياب لغاري، تيمور مهر، عرس ٻرڙو، آفتاب جکراڻي، مهراڻ ناريجو، اياز ٻرڙو، عمران سيٺار، اصغر ناريجو، توفيق ڀٽو، خالد ڪريم مڱريو، حليم ناريجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن به پارٽيءَ ۾ نوجوانن جو وڏو ڪردار هوندو آهي، جيڪي پنهنجي جدوجهد ۽ محنت سان پارٽي کي وڏيون ڪاميابيون ڏيارڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندا آهن، هنن چيو ته پارٽي ۾ شامل نوجوانن کي جديد دور جي گهرجن مطابق جديد ٽولز کي اپنائڻ گهرجي، هنن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو پنهنجي نوجواني واري دور ۾ يوٿ جو بنياد رکيو.