ڪنهن به صورت ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪرڻ نه ڏني ويندي: سنڌو نواز

0
43
ڪنهن به صورت ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪرڻ نه ڏني ويندي: سنڌو نواز
ڪنهن به صورت ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪرڻ نه ڏني ويندي: سنڌو نواز

بدين (رپورٽر) سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين سنڌو نواز گهانگهرو پاران ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف 18 آگسٽ تي ريلي ڪڍي ڪارونجهرتي احتجاجي مظاهرو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو سنڌ جي ورثن جي حفاظت ڪرڻ اسان جو فرض آهي

اهڙو اظهار هن ايوان صحافت بدين پهچي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ڪرڻ نه ڏني ويندي

هن چيو ته تعليم جو  صوبائي وزير سردار شاھ سنڌ جي اثاثن جي ته ڳالهه ڪري ٿو اتي وري ڪارونجهر جي ڪٽائي جي اجازت ڪهڙي حساب سان ڏئي رهيو آهي حقيقت ۾ هن سنڌ کي وڏو نقصان ڏنو آهي تعليم کاتي جي تباهي جو ذميوار هي آهي

هن  چيو ته اسان سنڌ جي قومپرستن سميت سنڌ واسين کي دعوت ڏئي رهيا آهيون ته ڪارونجهر تي 18 تاريخ واري احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪري  سنڌ جي سونهن کي اجاڙڻ کان بچايو وڃي