لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ گهرو کاتي غنڊا ايڪٽ 2025ع جو مسودو تيار ڪري ورتو، ايڪٽ تحت ڊسٽرڪٽ انٽيليجنس ڪاميٽي ڪنهن به شخص کي غنڊو قرار ڏئي سگهي ٿي، گهرو کاتي جي ترجمان موجب ايڪٽ ۾ غنڊن ۽ بدمعاشن جي قانوني سڃاڻپ واضح ڪئي وئي آهي. پوليس، انتظاميا يا حساس ادارن جي رپورٽ يا لکت ۾ شڪايت تي عمل ٿيندو، منشيات فروش، جواري، ڀتاخور، سائبر ڪرائم يا هراسان ڪرڻ ۾ ملوث ماڻهو جعلي سرڪاري عهديدار، سوشل ميڊيا تي هٿيارن جي نمائش يا جعلي دستاويز استعمال ڪندڙ ماڻهو کي غنڊو قرار ڏئي سگهجي ٿو. غنڊي بدمعاش جا بينڪ اڪائونٽس منجمد ۽ هٿيار لائنس منسوخ ڪيا ويندا. سندن سڃاڻپ ڪارڊ ۽ پاسپورٽ پڻ بلاڪ ٿيندا، پهريون ڀيرو ڏوهه تي 3 کان 5 سال قيد ۽ 15 لکن تائين ڏنڊ جڏهن ته ڏوهه ٻيهر ڪرڻ جي صورت ۾ 7 سالن تائين قيد ۽ 20 لک رپين تائين ڏنڊ لڳندو.