اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ جي تازي فيصلي کان پوءِ ميڊيا جا ڪجهه ادارا اليڪشن ڪميشن خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ ۾ مصروف آهن. اليڪشن ڪميشن ان پروپيگنڊا کي حقيقتن جي ابتڙ ۽ ڪوڙ تي ٻڌل قرار ڏئي ٿو. اهڙا عنصر اليڪشن ڪميشن کي بي سبب تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن موجب سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن واري تازي ڪيس ۾ به پهرين پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ اليڪشن ڪميشن جي موقف کي آئيني ۽ قانوني قرار ڏئي ان جي حمايت ڪئي. اليڪشن ڪميشن ڪنهن به قسم جي سياسي دٻاءُ، عوامي شور يا سستي مقبوليت خاطر پنهنجن فيصلي ۾ تبديلي نٿو آڻي، پر آئيني تقاضن، قانوني دائري ۽ ثبوتن جي بنياد تي پنهنجو فرض نڀائي ٿو. پنهنجي غلطين ۽ ناڪامين جو ذميوار اليڪشن ڪميشن کي قرار ڏيڻ جي روش ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي.