اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاق کي چتاءُ ڏيندڙ ڪي پي جي وڏي وزير جي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ۽ توانائي وزير اويس لغاري سان ٻن ڏينهن ۾ ٻي ملاقات ٿي، آرمي چيف سان ڳالهه ٻولهه ۽ ايس آءِ ايف سي جي اجلاس ۾ شرڪت بابت پي ٽي آءِ باني کي بريفنگ ڏيڻ ۽ هدايتون وٺڻ بعد علي امين گنڊاپور جو رويو تبديل ٿي ويو، وفاقي وزيرن سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس دوران علي امين گنڊاپور چيو ته ٻنهي جو ٿورائتو آهيان جو ڪي پي جي عوام جو احساس ڪيو، وفاق سان گڏ ويهڻ سان ئي مسئلي جو حل نڪرندو، هن چيو ته ڪيسز مان رليف جي اُميد عدالتن ۾ آهي، عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وفاق سان گڏ هلنداسين، گنڊاپور چيو ته سياسي معاملن ۾ مختلف شين کي مِڪس نه ڪرڻ گهرجي، وفاقي وزيرن سان ويهي صوبي جي عوام کي رليف ڏيڻ جو رستو ڪڍيو آهي، لائين لاسز جا ڪارڻ ختم ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين،علي امين گنڊاپور چيو ته وفاق ۽ صوبا گڏجي ڪم ڪندا، اسان گڏجي معاملا طئي ڪيا آهن. اسان اهڙو رستو ڪڍيو آهي جنهن سان عوام کي رليف ملندو ۽ نقصانن ۾ به گهٽتائي ايندي اسان گڏيل مشاورت سان معاملا طئي ڪيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اويس لغاري سان توانائي واري وزير جي حيثيت سان ڳالهيون ٿيون آهن. ڳالهين جو اسان جي پارٽي معاملن سان ڪوبه تعلق نه آهي. پي ٽي آءِ باني هميشه چيو آهي ته ادارن کي مضبوط ٿيڻ گهرجي.علي امين گنڊاپور چيو ته اسان جي ڪنهن به اداري يا سسٽم سان جنگ نه آهي، سياسي تحريڪ ۽ انتظاميه جي معاملن کي گڏايو نه وڃي، هن چيو ته اسان جو صوبو پوري ملڪ کي بجلي پيدا ڪري ڏئي رهيو آهي، لائن لاسز ڪنٽرول ڪرڻ، ۽ ٻين سببن تي گڏجي ڪم ڪنداسين، هن چيو ته خيبرپختونخوا جي گورنر سان منهنجا ڪي به اختلاف نه آهن. لوڊشيڊنگ عوام جو وڏو مسئلو آهي.توانائي واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو ته اڄ ملڪ جي لاءِ خوشي جوڳو ڏينهن آهي. سياستدانن تي تنقيد ڪندڙ اڄ شرمنده ضرور ٿيندا. گهرو وزير محسن نقوي جو ٿورائتو آهيان، اسان عوامي مسئلن جو حل ڪڍيو آهي، اڄ اسان گڏجي ويهي هڪ ماڊل ٺاهيو آهي جيڪو ٻين صوبن سان به شيئر ڪنداسين. اويس لغاري وڌيڪ چيو ته سڀاڻي تائين معاملي تي حڪمت عملي ٺاهي ويندي. اڄ تحريڪ انصاف وڏو قدم کنيو آهي. ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جا ٿورائتا آهيون.وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته علي امين گنڊاپور سان ملاقات ۾ بريڪ ٿرو ٿيو آهي، خيبرپختونخوا حڪومت سان بهتر ڳالهيون ٿيون. خيبرپختونخوا ۾ هڪ وڏو بحران هو جيڪو حل ٿي ويو آهي ان جي تعريف ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان منهنجو 25 سال پراڻو تعلق آهي جيڪو اڃان وڌيڪ رهندو. مولانا فضل الرحمان کي حڪومت سان ڪو مسئلو هوندو مون سان سندس تعلق بهتر آهي.