حڪمرانن طرفان ملڪ کي، بيانن سان ترقي ۽ عوام کي اعلانن سان خوشحالي جو مقابلو جاري آهي، باقي حقيقي طور تي سر زمين تي ڪهڙي ترقي ٿي آهي، اهو اُڀ اکين پيو ڏسجي. پري نٿا وڃون، رڳو هن ملڪ کان 24 سال پوءِ قائم ٿيل، اڳ ۾ هن ئي ملڪ جي حصو رهندڙ بنگلاديش جي صنعتي ترقي ڏسندي ئي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته ملڪ صرف اعلانن ۽ بيانن سان نه پر عملي ميدان ۾ حقيقي خدمت ڪرڻ سان خوشحال ٿيندا آهن ۽ ترقي ڪندا آهن. هن ڪشورِ حَسين جي حالت اها آهي ته هتي جا وسيلا عالمي استحصالي قوتن جو بليڪ هول ڳڙڪائيندو وڃي ۽ هتي جا حڪمران ان سموري ڏوهي ۽ ڊوهي عمل ۾ انهن جا سهولتڪار بڻيل آهن. هن وقت ملڪ ۾ بيروزگاري عروج تي آهي، هن ملڪ جون يونيورسٽيون هر سال لکين بيروزگارن جا لشڪر تيار ڪن ٿيون، جن جو کاپو ۽ کپت نه ملڪ ۾ آهي ۽ نه ئي وري ٻاهرين دنيا ۾. وڌندڙ بيروزگاري هن ملڪ جي سڄي سرشتي کي ڊاوان ڊول ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ افراتفري جو عالم آهي، جنهن ۾ حڪمرانن کي به اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته هن ملڪ کي بحرانن جي ان ڪُن مان ڪيئن ڪڍجي؟!
هن ملڪ ۾ نه “چونڊيل” حڪمرانن ٻوٽو ٻاريو ۽ نه ئي وري نگرانن ۾ اهڙي صلاحيت نظر اچي ٿي. هتي ته نگران ڄڻ نالي جا هجن! ملڪي انتظامي گاڏيءَ جي ڊرائيونگ سيٽ تي اڻ اعلانيل طور عالمي مالياتي ادارو ويٺل آهي ۽ گلوبلائيزيشن واري عالمي استحصالي ايجنڊا لاءِ آءِ ايم ايف سميت سمورا ادارا ان ايجنڊا جي تڪميل لاءِ ڪم ڪندي محسوس ٿين ٿا. ان ئي ايجنڊا جي ذريعي نجڪاري، رائيٽ سائيزنگ/ڊائون سائيزنگ (ڇانٽي) ۽ لبرلائيزيشن (ادارن تان حڪومتي گرفت ختم ڪرڻ) تي عمل تيزيءَ سان جاري آهي. جيڪي ٽاسڪ “چونڊيل” حڪومت لاءِ مشڪل هئا، انهن جي تڪميل لاءِ نگران پنهنجون سموريون توانائيون خرچ ڪري رهيا آهن. ملڪ جي صنعت تباهه ٿي چڪي آهي. حڪومت طرفان نئون صنعتي انفراسٽرڪچر لڳائڻ بدران جيڪو اڳ ۾ ئي انفراسٽرڪچر موجود آهي، ان کي به سنڀاليو نه پيو وڃي. صنعتڪار پنهنجون صنعتون يا ته پرڏيهه منتقل پيا ڪن يا وري پنهنجي موڙي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سيڙائي رهيا آهن. ان سان بيروزگاري ويتر وڌي رهي آهي. ظاهر آهي ته روزگار جا موقعا ادارا قائم ڪرڻ سان پيدا ٿيندا آهن، نه ڪي ادارا وڪڻڻ سان. هر حڪمران اقتدار ۾ ايندي ئي بيروزگاري جي خاتمي جا سکڻا اعلان ته ڪندو آهي پر حقيقي رخ ۾ عملي قدم نه کڻڻ سان اهو مقصد حاصل ٿي نه سگهندو آهي. هن وقت اها صورتحال آهي جو ملڪ کي مرحليوار ڪنزيومرز معيشت ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. صنعتون ختم ڪيون پيون وڃن، ملڪ رڳو صنعتي ملڪن لاءِ خام مال جي حصول جو ذريعو بڻيل آهي. صنعتي ملڪ سستو خام مال غريب ملڪن مان حاصل ڪري وري پراڊڪٽ تيار ڪري انهن سان ئي وڪڻندا آهن. زراعت تباهه ٿي وئي آهي، صنعت اُسري نه رهي آهي. زرعي ملڪ پاڪستان پنهنجون غذا جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ صنعتي ملڪ روس کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ مجبور آهي. جيڪي ملڪي وسيلا بچيل آهن، انهن کي ڪرپشن جو واڳون ڳڙڪائيندو وڃي. باصلاحيت نوجوان ڪرپشن جي بالادست ماحول ۾ صلاحيتن جي بنياد تي روزگار حاصل نه ڪري پيا سگهن. مڃيون ٿا ته ڪوبه ملڪ سمورن بيروزگارن کي نوڪريون نٿو ڏئي سگهي. نوڪرين بدران روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويندا آهن پر هتي ته ائين به نه پيو ٿئي. سڄي ملڪ مان “برين ڊرين” جو عمل جاري آهي. باصلاحيت نوجوان ملڪ ڇڏيندا وڃن پر سنڌ وري ان عمل ۾ به پوئتي آهي. دنيا کي هاڻي ليبر نه پر هنرمند کپن. هي اسپيشلائيزيشن جو دور آهي.
هن ملڪ جو الميو اهو آهي ته هتي جا وسيلا ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ استعمال نه پيا ٿين، نه ته هن ملڪ ۾ ڀلا ڇا ڪونهي! سون، ٽامون، ڪوئلو ۽ تمام گهڻي معدني دولت آهي، سمنڊ آهي ۽ حڪمران جيڪڏهن خلوص ۽ سچائيءَ سان عوام ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ چاهين ته ڇا نٿو ٿي سگهي! خوشحالي جي پرک جي دنيا ۾ مڃيل ڪسوٽي في فرد آمدني ۾ واڌ آهي. آمدني تڏهن ئي وڌندي، جڏهن روزگار جا وسيلا پيدا ڪيا ويندا، بيروزگاري ختم ڪئي ويندي. پر جتي نجڪاري جي نالي ۾ ملڪي ادارا وڪرو ٿيندا هجن، صنعتي انفراسٽرڪچر نه لڳايو ويندو هجي، اتي بيروزگاري ختم ڪرڻ وارو مقصد ڀلا ڪيئن ٿو حاصل ٿي سگهي؟ ان ڪري حڪمرانن کي سنجيدگيءَ سان عالمي استحصالي قوتن جي ڪوڙڪين مان هن ملڪ کي ڪڍي، هتي جا وسيلا ملڪي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي لاءِ استعمال ڪيا وڃن. ادارا وڪڻڻ بدران انهن کي هلائڻ جي اهليت پيدا ڪئي وڃي. وڌ کان وڌ صنعتي انفراسٽرڪچر قائم ڪيو وڃي ۽ سيڙپڪارن کي به ان لاءِ همٿايو وڃي ۽ سهولتون فراهم ڪيون وڃن.