ڪنري(رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) اوگرا پاران تازو ايل پي جي گيس جي قيمتن ۾ گھٽتائي باوجود ڪنري ۾گيس جي دڪاندارن اگھه گھٽائڻ بدران هٿرادو اگھه تي گيس وڪرو جاري آھي، گيس سستو نه ڪرڻ تي عوامي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار شھر ۾ ايل پي جي گيس جي دڪانن تي ڇاپا ھنيا اي سي ڪارروائي ڪندي مھانگي اگھه تي گيس وڪرو ڪرڻ تي 4 دڪان نويد فاروق گيس ايجنسي، شيل گيس شاپ، القائم گيس ايجنسي ۽ شھاب الدين گيس جي کي سيل ڪري ڇڏيو، ڪارروائي دوران باقي دڪاندار دڪان بند ڪري فرار ٿي ويا.