ڪنري(ن پ ا) ڪنري ۾ ڪئنالن خلاف جسقم ڪارڪنن جي ريلي، مظاهروخبر موجب سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سميت سنڌ جي وسيلن تي قبضي خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ضلعي صدر محمد رمضان خاصخيلي، احمد سنڌي، ھمير سنڌي، بي ڪي لکاڻي ۽ ٻين ڪارڪنن رحمت ڪالوني گرائونڊ کان الله واري چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو، اڳواڻن چيو ته حڪمران اقتدار جي نشي ۾ گم ٿي صوبن اندر نفرتون نه پکيڙين، ڪنهن به صورت ۾ ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين، جيڪڏهن زبردستي ڪئنال ڪڍي زمينون وڪرو ڪيون ويون ته سڄِي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي.