ڪنري (ن پ ا ) عام اليڪشن جون تياريون شروع ٿيڻ سان گڏ سياسي جوڙ توڙ به شروع ٿي ويا آھن، ڪنري جي اڳوڻو سٽي ناظم محمد ڄام ميمڻ سندس فرزند اڳوڻي ايم پي اي ڪنري دوست محمد ميمڻ حرن جي روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي جي سربراهه پير پاڳارا سان ڪراچي ۾ راجا ھائوس ۾ ملاقات ڪئي، محمد ڄام ميمڻ ۽ سندس فرزند ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ پير پاڳاري سان ملاقات ڪري جي ڊي اي ۾ شموليت اختيار ڪري ڇڏي ۽ اڳواڻن پاران جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙھڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي، محمد ڄام ميمڻ اين اي 213 قومي تڪ عمرڪوٽ ۽ سندس فرزند ڊاڪٽر دوست محمد ميمڻ پي ايس 51 ڪنري تان چونڊ وڙھڻ لاءِ فارم جمع ڪرايا آھن، ملاقات دوران حر جماعت جي معزز شخصيت فقير خان محمد مهر ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي نائب صدر پي ايس 49 پٿورو ضلعي عمرڪوٽ جي اميدوار فقير خضر حيات مڱريو پڻ موجود هو. اھڙي اعلان بعد عمرڪوٽ جي سياست نئون موڙ آيو آھي ۽ ھاڻ پ پ پ جي اميدوارن ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن ۾ سخت مقابلي جا امڪان ظاھر پيا وڃن.