ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ پي ٽي آءِ اميدوارن جو آر او ڪنري تي ڌر هجڻ جو الزام، احتجاج، نوٽيس جو مطالبو. خبر موجب يوسي ميمڻ ڪنري جي پي ٽي آءِ جي چيئرمين جي اميدوار محمد هارون ميمڻ، وائيس چيئرمين، محمد اڪرم رند، ضلعي ڪائونسل اميدوار فقير گل حسن خاصخيلي ۽ جنرل ڪائونسلر جي اميدوارن پريس ڪانفرنس  ڪندي الزام ھنيو ته آر او ڪنري محمد حسن کوسو مخالف اميدوارن جي ڌر بڻيل آھي، اليڪشن ايجنٽن لاءِ اميدوارن جي صحيح وارا فارم صحيح ڪري ڏيڻ کان انڪار ڪيو آھي، آر او ايجنٽن جا نالا ۽ شناختي ڪارڊ گهري رهيو آھي اهو آر او جو اختيار نه آھي اليڪشن ڪميشن جي رولز ۽ ھدايت نامي ۾ به لکيل نه آھي.