ڪنري(ن پ ا) ڪنري ۾ پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي، فصل سڪڻ لڳا، سخت احتجاج جو چتاءُ. خبر موجب سالياني وارابندي جي ڏيڍ مھيني بعد نبي سر واھه ۾ پاڻي اچڻ باوجود پاڻي جو گيج پورو نه هئڻ ڪري پاڻي کوٽ شدت اختيار ڪرڻ لڳي آھي، بندين بعد کُليل پاڻي جو گيج پورو نه هجڻ سبب پيدا ٿيل پاڻي جي کوٽ ۽ وقت سر پاڻي نه ملڻ سبب هزارين ايڪڙن تي پوکيل چيٽ جو فصل تباھه ٿيڻ لڳو آھي، سب ڊويزن نبي سر جي ڪنري شاخ، راهمور، ٻانڍي، سانوري، ٻسٽان، ڪنجھيجي، ٽوڀان شاخ، گپنو سميت ٻين شاخن ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب ماڻھو عوام سخت پريشانين ۾ وٺجي وئي آھي، ٻئي پاسي ٻھراڙين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ وڌي وڃڻ سبب لکين رهواسي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن، جڏھن ته چوپايو مال به اڃ ۾ پاهه ٿي رهيو آھي، کاڻي ريگيوليٽر وٽ گيج 7.3 فوٽ هئڻ بدران صرف 4:1 فوٽ گيج آھي، جنھن سبب ڪنري جي 21 ميل تي پاڻي جو گيج اڌ ٿي ويو آھي، وارابندي ختم ٿيڻ باوجود پورو پاڻي نه ملڻ تي متاثر ٿيندڙ آبادگارن ايف او چيئرمين محمد سعيد ميمڻ، عاشق علي، مصدق، نظر محمد، غلام محمد چانڊيو ۽ ٻين دانھيندي چيو آھي ته هڪ ته ڏيڍ مھيني جي بندي سبب پريشان ٿيا آھيون، چيٽ جا پوکيل فصل ڪڻڪ، اسپنگر، توريو، سورج مکي ۽ بصر کي شديد نقصان پھتو آھي، هڪ طرف اگھن ۾ گھٽتائي آھي ته ٻئي پاسي پاڻي نه هئڻ ڪري فصلون گھٽ /ڏسو صفحو 2 بقايا 01

اپت لھن پيون، جنھن ڪري سندن معاشي قتل ٿي رهيو آھي. هنن وڌيڪ چيو ته نارا ڪئنال کلڻ وقت منڍ وارن واھن ۾ پھرين پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو ۽ اسان پوڇڙي وارن کي آخر ۾ پاڻي ڏنو ويو جيڪو بديانتي جو چٽو ثبوت آھي، هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد اسان جي واهه جو گيج پورو ڪري وڌيڪ تباهي کان بچايو وڃي، ان سلسلي ۾آبپاشي کاتي جو چوڻ آھي ته پاڻي جو گيج گهٽ آھي، سب ڊويزن جي 8 شاخ مان صرف هڪ شاخ هلايون پيا، هڪ شاخ به صحيح نه پئي هلي، جيڪڏھن اها صورتحال رهي ته پاڻي جي کوٽ وڌي ويندي، اسان پنھنجي اختيارين کي شڪايتون ڪيون آھن پر مٿان کان پاڻي اسان وٽ نٿو پھچي ۽ پھچندڙ پاڻي جو گيج تمام گھٽ آھي ان حساب سان شاخن ۾ پوڇڙي تائين پاڻي نه پيو پھچي، منڍ جا آبادگار به دانهون ڪن پيا، اميد آھي ته ڪجھه ڏينھن ۾ پاڻي اچي ويندو.