ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن ۽ ھارين مظاھرو ڪندي مين ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ٽائرن کي باهيون. تفصيل موجب ڪنري تعلقي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري ورتو آھي، سب ڊويزن جي سمورين شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب فصلون تباھ ٿي رهيون آھن، ٻسٽان شاخ جي آبادگارن ۽ ھارين زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف مين ميرپورخاص روڊ تي ٽوڀان شاخ اسٽاپ وٽ مظاھرو ڪندي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھنيو مظاھرين روڊ تي ڍينگھر ۽ ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت نعريبازي ڪئي، رڪاوٽون ھڻي روڊ بلاڪ هجڻ سبب ٽرئفڪ معطل ٿي وئي. مظاھرين قومي عوامي تحريڪ جي تعلقي صدر ذڪريا سمون، خالد سمون، ياسر سمون، زميندار شفيق ۽ ٻين دانھيندي چيو ته آبپاشي کاتي جي ڪرپشن ۽ نااهلي سبب هٿن سان پاڻي کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي نارا ڪئنال ۾ 8700 ڪيوسڪ پاڻي هجڻ باوجود اسان وٽ پاڻي نٿو اچي، سسٽم ۾ پاڻي هجڻ باوجود هٿرادو پاڻي کوٽ پيدا ڪري معاشي قتل ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته اسان جي شاخ ۾ پاڻي نٿو ڏنو وڃي ڏيڍ مھيني بعد پاڻي آيو ۽ شاخ کي صرف 48 ڪلاڪ هلائي بند ڪئي وئي پاڻي نه اچڻ سبب ڦٽي، ٻڄ، ڀاڄيون ۽ ٻيون فصلون تباھ ٿي ويون آھن، جنھن سبب لکين روپين جو سخت نقصان ٿيئي پيو، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور شاخ کولي پاڻي فراھم ڪيو وڃي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، ھوڏانھن ٽن ڪلاڪن جي ڌرڻي سبب ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سامارو ۽ ٻين شھرن ڏانھن ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل بڻيل رهي پوليس پھچي مظاھرين کي ڇڙوڇڙ ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.