نبي سرروڊ (ن پ ا) سب ڊويزن ڪنري ۾ پاڻي جو شديد بحران ختم نه ٿي سگهيو، پاڻي کوٽ سبب نبي سر مانئر، سانوري شاخ، راهمور شاخ ۽ ڪنري شاخ جي پڇڙين ۾ واري اڏامڻ لڳي آهي، شاخن جي پڇڙين ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري نبي سر مانئر جي آبادگارن پاران پاڻي کوٽ خلاف ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ايريگيشن عملي خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي جڏهن ته آبادگارن پاران 7 ڪلاڪ تائين ڌرڻو جاري رهيو، جنهن ڪري ڪنري وايا نبي سرٿر مين روڊ تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جو قطارون لڳي ويو. ان موقعي تي آبادگارن اڳواڻن محمد رفيق جٽ، طارق درس، ميوو چانڊيو، رياض درس، امان الله پٺاڻ، ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نبي سر مانئر ۾ گذريل 2 مهينن کان پاڻي جي شديد کوٽ آهي ۽ شاخ جي ٽيل تائين پيئڻ جو پاڻي نه ٿو پهچي جنهن ڪري سخت پريشان آهيون پاڻي جي شديد کوٽ سبب انسان جانور توڙي پکي اڄ وگهي مري رهيا آهن. هنن چيو ته آبپاشي عملي جي نااهلي ۽ ڪرپشن سبب پوڇڙين تائين پاڻي نه ٿو پهچي آبپاشي عملو منڍ ۾ سري عام پاڻي وڪرو ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي حق تي ڌاڙو هڻي رهيو آهي. هنن جو چوڻ هو ته آبپاشي عملي جي نااهلي سبب اسان جون زمينون بنجر بڻجي ويون آهن ۽ اسان کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسيو آهي پر ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو ناهي. آبادگارن پاران ڌرڻي دوران چتاءُ ڏنو ته نبي سر مائنر جي پوڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو جڏهن ته 7 ڪلاڪ ڌرڻو جاري رهڻ بعد ايس ڊي او ايريگيشن ظهور احمد بوزدار ڌرڻي تي پهچي آبادگارن سان ڳالهيون ڪري 8 ڪلاڪ اندر ٽيل تي پاڻي پهچائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد آبادگارن پاران جاري ڌرڻو ختم ڪري روڊ کوليو ويو آبادگارن پاڻي نه پهچڻ جي صورت ۾ ٻيهر ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪرڻ جو پڻ چتاءُ ڏنو ويو آهي.