عمرڪوٽ (رپورٽر) قومي تڪ اين اي 213 تي ننڍي چونڊ لاءِ سرگرميون چوٽ چڙھي ويون آھن، درياهه بچايو ڪميٽي جي گڏيل اميدوار لال مالھي سنڌ جي وڏي وزير جي عمرڪوٽ واري دوري تي سخت اعتراض واريندي ڊي آر او کي ڪارروائي لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي آھي، درخواست ۾ لال مالھي ڄاڻايو آھي ته وڏو وزير منھنجي مخالف اميدوار جي ڳوٺ اڳ ۾ ئي ٻه ڀيرا اچي دورو ڪري چڪو آھي، ھو اليڪشن تي اثرانداز ٿيڻ چاھي ٿو، جڏھن ته نواب محمد يوسف ٽالپر جي وفات تي وڏو وزير اڳ ۾ ٻه ڀيرا تعزيت لاءِ اچي چڪو آھي ۽ دورا ڪيا آھن ھن ڄاڻايو آھي ته ڪو به وزير، مشير، سينيٽر ۽ چونڊيل نمائندو اليڪشن قانون موجب دورو نٿو ڪري سگھي، پر اين اي 213 تي اليڪشن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، نوٽيس ورتو وڃي، جنھن جو نوٽيس ورتو وڃي، سنڌو درياهه بچايو ڪاميٽي جي گڏيل اميدوار لال مالھي پنھنجي بيان ۾ چيو ته گذريل ھڪ مھيني دوران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھه پاران ٽيون ڀيرو عمرڪوٽ جو دورو ڪيو ويو آهي، جنھن کي آئون ننڍي چونڊ ۾ ڌانڌلي جي شروعات ۽ ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ جي ڀڃڪڙي سمجهان ٿو، اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ شڪايت جمع ڪرائي ڇڏي آهي، اميد ته منهنجي شڪايت جو ازالو ڪيو ويندو، هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218-3 تحت صاف ۽ شفاف اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آھي، انڪري اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي، هن چيو ته وڏو وزير سيد مراد علي شاھه عمرڪوٽ جو بار بار دورو ڪري رهيو آهي، جنھن سبب عمرڪوٽ انتظاميه ۽ اليڪشن عملو دٻاءُ ۾ ايندي، هن چيو ته سنڌو درياهه ۽ سنڌ جون زمينون خاص ڪري عمرڪوٽ جون 2 لک ايڪڙ زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏيڻ کانپوءِ عمرڪوٽ جو عوام پيپلز پارٽي کي مڪمل رد ڪري چڪو آهي، انڪري پيپلزپارٽي وقت کان اڳ سرڪاري ملازمن جا ووٽ ڪرائڻ سميت هينئر کان ئي اليڪشن ۾ چوري ڪرڻ جي تياري ڪري رھي آھي، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو باشعور عوام 17 اپريل تي ننڍي چونڊ ۾ پيپلز پارٽي کي شڪست ڏيندو ۽ 17 تاريخ سنڌ جي عوام جي فتح جو ڏينھن آهي.