ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجھو ٻسٽان جي ماروي ڪالوني واسي 6 ورھين جي معصوم نينگر سبيرالله ڀٽي سان جوابدار رومان مارواڙي مبينا بدفعلي ڪئي، نينگر جا وارث نينگر کي کڻائي پوليس وٽ پھتا، پوليس ميڊيڪل لاءِ ليٽر جاري ڪري ڇڏيو جنھن بعد نينگر جو تعلقي اسپتال ڪنري مان ميڊيڪل ڪرايو ويو، متاثر نينگر جي والد محمد شھزاد جي فرياد تي جوابدار رومان مارواڙي خلاف مبينا بدفعلي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته جوابدار منھنجي نينگر کي ٻنيءَ ۾ کڻي وڃي مبينا بدفعلي ڪئي آھي. ھوڏانھن پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. کيس رمانڊ لاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. عدالت جوابدار کي حيدرآباد جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.