ڪنري (ن پ ا) ڪنري پوليس ۽ انتظاميا منشيات فروشن ۽ موالين جي ٺڪاڻن کي ڊاھڻ لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ڊي ايس پي غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو، ايس ايڇ او وجئه ڪمار کتري، وائيس چيئرمين شيوانند سنڌي، ٽائون اڪائونٽنٽ جھانزيب آرائين جي اڳواڻي ۾ ٽائون عملي سان گڏ آپريشن شروع ڪيو، شھر جي بلوچ پاڙي واري علائقي ۾ ھلندڙ آئيس، ڪرسٽال ۽ ٻي نشي جو وڪرو ڪندڙ منشيات فروشن ۽ واپرائيندڙ موالين کي ٺڪاڻن خلاف آپريشن ڪيو ويو. آپريشن جي پھرين مرحلي ۾ ديوين جي جھنگ ۾ ويھي نشو واپرائيندڙ موالين جي ٺڪاڻن کي ڪرين مشينن ذريعي ختم ڪيو ويو، انتظاميا جي آپريشن کان اڳ موالي ۽ منشيات فروشن ۾ ٽاڪوڙو پئجي ويو ۽ موالي فرار ٿي ويا، انتظاميا جو چوڻ آھي ته موالين ۽ منشيات فروشن جي ٺڪاڻن کي ختم ڪيون پيا ته جئين موالي نشو واپرائڻ کان بچي سگھن.