ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان نوجوان تي مبينا چوري جو الزام ھڻي ڪمري ۾ بند ڪري مبينا تشدد ۽ تذليل، ڪپڙن کان آجو ڪري ويڊيو ڀرڻ جو انڪشاف، احتجاج، خبر موجب عمرڪوٽ واسي نوجوان سان ڪنري ۾ چوري الزام مڙھي تشدد، تذليل ۽ ڪپڙن کان آجو ڪري ويڊيو ڀرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، نوجوان منظور نوتڪاڻي جي وارثن مربت سولنگي ۽ بين موجب هو ڳوٺ ڀڏو ڪپري ۾ پنھنجي ڀيڻ جي گھر ويو پئي ته جوابدارن کيس چوري جو الزام ھڻي پڪڙي تشدد ۽ تذليل ڪئي، نوجوان منظور نوتڪاڻي دانھيندي ٻڌايو ته 10 کان مٿي ماڻھن چوري جو الزام ھڻي ڪمري ۾ بند ڪري بي رحماڻو تشدد ڪيو، جوابدارن کيس اگھاڙو ڪري ويڊيو ٺاھي بليڪ ميل ڪيو، هن معاملي جي اڻ ڌريي جاچ جي گهر ڪئي، هوڏانهن نوجوان تي تشدد ۽ ڪپڙن کان آجو ڪري تشدد ڪرڻ واري ويڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آھي، ٻئي پاسي الزام ھيٺ آيل ڪپري برادري جي ماڻھن جو چوڻ آھي ته جوابدار اڳ ۾ به چوريون ڪندو هو، ڪالهه چوري ڪندي پڪڙيو آھي.