ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ هندو ويلفيئر پنچائت طرفان اقليتي برادري جي اجتماعي شادين جي رنگا رنگ تقريب مقامي شادي حال ۾ منعقد ڪئي وئي، تقريب جي شروعات ھندو ڌرم موجب گايتري منتر ۽ آرتي گائي ڪئي وئي. جنھن ۾ گھوٽ ڄاڃين سميت ڄڃون وٺي پھتا، مختلف علائقن سان تعلق رکندڙ 9 جوڙن جي اجتماعي شادي ڪرائي وئي. شادي تقريب ۾ گھوٽن ۽ ڪنوارن چونئري ڦيرن جي رسم ادا ڪري شادي جي ٻنڌن ۾ ٻڌجي ويا ۽ گھوٽن طرفان ڪنوارن جي مانڳ ۾ سندور ڀري منگل سوتر پارائي زندگي ڀر ساٿ نڀائڻ جا ورچا ورجايا. شادي جي ٻنڌن ۾ ٻڌجڻ وارن گھوٽن ۾ ڌرمون، گلاب، گنگارام، رامچند. گووند، لالي، گنگا، انيتا، ماروي، ريشما، ماول، ۽ ٻيون شامل آھن، هندو پنچائت پاران گھوٽن کي تحفا ۽ ڪنوارن کي ڏاج ڏنو ويو. سڄي سنڌ مان هندو برادري جي تنظيمن جي اڳواڻن مردن، عورتن، چونڊيل مڪاني ادارن جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جڏھن ته مسلمان ڀائرن خوشين ۾ شريڪ ٿي يڪجهتي جو اظهار ڪيو. گھوٽن ۽ ڪنوارن جو چوڻ ھو ته اسان جي مذھب موجب اسان جي شادي ٿئي پئي، اسان تمام گھڻا خوش آھيون، اسان جي ڏکين حالتن ۾ اسان جي مدد ڪئي آھي، مھانگائي جي دور ۾ اسان جي شادي ڪرائڻ تي هندو پنچائت جا ٿورائتا آھيون. ھندو پنچائت جي اڳواڻن نند لال پريمي، ڊاڪٽر پرڪاش مھيشوري، سريش سوني، پارس چوون ڪمار، ڀيرو مل، وشنداس سوني ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته اسان پنھنجي پنچائت جي سھڪار سان غريب خاندانن جي 9 جوڙن جي شادي ڪرائي آھي جنھن ۾ ڪنوارن کي ڏاج ۽ گھوٽن کي تحفا به ڏنا آھن، شادي ڪندڙ سمورن جوڙن جي عمر 18 سالن کان مٿي آھي ۽ وٽائنس نادرا جو بي فارم ۽ سڃاڻپ ڪارڊ موجود آھي، ھي تقريب انساني خدمت جو بھترين جذبو ۽ عمل آھي اھڙي ريت ھو انسانيت کي خدمت ڪندا رھندا. ان موقعي تي پنچائت جي اڳواڻن شادي ڪندڙ جوڙن کي مبارڪباد ڏني ۽ هنن ڪنوارن جي مٿي تي هٿ رکي کين دعائون ڏنيون ۽ تحفا ڏنا.