ڪنري: واپاري تي داخل ڪيس خلاف ڪنري ۾ اڄ شھر ۾ شٽربند ھڙتال جو اعلان، واپاري مصور ڀٽي ۽ ٻين تي ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪرڻ خلاف ڪنري جي سياسي، سماجي، شھري ۽ واپاري حلقن ۾ سخت ڪاوڙ جي لھر آھي ۽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اڄ جمعي ڏينھن شھر ۾ شٽربند ھڙتال ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آھي.