ڪنري(ن پ ا) ڪنري ۾ عدالتي حڪم تي پوليس جو زميندار جي زرعي زمين تي ڇاپو، 26 هاري بازياب، اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. خبر موجب سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ جي حڪم تي ڪنري پوليس سپر دل ۾ زميندار هاشم ميمڻ جي زرعي زمين تي ڇاپو هنيو، پوليس ڇاپي دوران عورتن ۽ ٻارن سميت 26 هارين کي بازياب ڪرايو، بازياب ڪرايل هارين ۾ چيتن ڀيل، ڪريمان، سيتا، هريش، چندنا، هيمن، پريم ۽ ٻيا شامل آھن، درخواستگذار ساجن ڀيل جي درخواست بعد عدالتي حڪم تي ڇاپو ھنيو ويو، هارين الزام لڳائيندي چيو ته زميندار حساب نٿو ڪري، الٽو سخت پورهيو ڪرائيندو هو اسان سان ڏاڍ ۽ جبر سان ڪم ورتو ويندو هو، جنھن جي ظلمن کان تنگ اچي عدالت وياسين، ڪنري پوليس موجب ڇاپي دوران ڪابه نجي جيل نه هئي ۽ سمورا هاري پنھنجي گهرن ۾ آزاد گھمي ڦري رهيا هئا، کيس ڪنري ٿاڻي تي رکيو ويو آھي، اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪنداسين.