ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ دڪانن تي قبضي خلاف واپارين جو احتجاج خبر موجب ڪنري ۾ عمرڪوٽ بس اسٽاپ وٽ قائم لينڊ ڪميشن جي دڪانن تي بااثرن پاران مبينا قبضي جي ڪوشش ۽ موتمار ڌمڪين خلاف دڪاندارن ۽ شھرين احتجاجي ريلي ڪڍي نيشنل پريس ڪلب آڏو مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي، دڪاندارن الھڏنو ڪلر، پير بخش ڪپري، انور ڪپري ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو ته اسان 30 سالن کان لينڊ ڪميشن جي دڪانن ۾ مسواڙ تي ويٺل آھيون ۽ دڪان هلائي ٻچن جو پيٽ گذر ڪريون پيا، بااثر ماڻھو دڪانن تي قبضي جي ڪوشش ڪن پيا، اسان کي دڪان خالي ڪرائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، هنن چيو ته بااثر ڪرمنل قسم جا ماڻھو آھن ۽ اسان جي جانين کي خطرو آھي، دڪان خالي ڪرائي بيروزگار ڪرڻ چاهين پيا، هنن وڌيڪ چيو ته معاملي جي انتظاميا کي دانھن ڏني پر ڪوبه تدارڪ ناهي ٿيو ۽ الٽو خاموش رھڻ ۽ دڪان خالي ڪرڻ لاءِ ڌمڪائي پيو وڃي، انڌير نگري ۽ چرٻٽ راڄ جو نظام لڳل آھي،

ڪير دانھن فرياد نٿو ٻڌي، هنن ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ڪمشنر ميرپورخاص ۽ ٻين وس وارين اختيارين کان گهر ڪئي ته فوري طور نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراھم ڪيو وڃي.