ڪنري (ن پ ا) ھندو برادري جي مذهبي تهوار ڏياري جي حوالي سان ڪنري ۾ ديوالي فيسٽيول ڪرايو ويو. ديوالي فيسٽيول ۾ اڳوڻي صوبائي وزير نواب تيمور ٽالپر، پ پ منارٽي ونگ ميرپورخاص ڊويزن جي صدر رميش ڪمار ڏيون مالهي، پ پ ٿرپارڪر جي اڳواڻ ڪامريڊ نند لال مالهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، فيسٽيول ۾ ديوالي جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ آتش بازي ڪئي ويئي. ان موقع تي اڳوڻي صوبائي وزير تيمور ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته هڪٻئي جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ ديوالي، هولي توڙي عيدون گڏجي ملهائڻ مذهبي رواداري جو ثبوت آھي پ پ هميشه اقليتن جي مذهبي تهوارن ۾ پنهنجي هندو ڀائرن سان گڏ ھوندي آھي