ڪنري(ن پ ا) ڪنري ۾ حيسڪو عملي جي زيادتين خلاف چڪي مالڪن جو احتجاج، واڌو بلن ۽ رشوت جا الزام، انصاف جو مطالبو. خبر موجب ڪنري ۾ آٽا چڪي ايسوسيئيشن اڳواڻن تعلقي صدر منير احمد آرائين، رميش کتري، عرفان عباس، روهيت ڪمار، ھريش ڪمار ۽ ٻين پاران حيسڪو جي ناجائزين خلاف صحافين وٽ پھچي ويا، نيشنل پريس ڪلب ڪنري ۾ چڪي مالڪن حيسڪو عملي خلاف دانھيندي ناجائزين جا الزام لڳايا، چڪي مالڪن جو چوڻ ھو ته حيسڪو وارن رميش کتري جي چڪي جو 169 يونٽ جو بل 2 لک 62 هزار موڪليو ويو آھي، ايس ڊي او ڪنري کي دانهن ڏني پر مسئلو حل ڪرڻ بدران بدتميزي ڪئي، ڊيجيٽل ميٽر لڳائڻ لاءِ ميٽر جي پيتي جي چارجنگ 30 کان 40 هزار گهري پئي وڃي، هنن چيو ته رميش کتري جي بل تي اضافي ٽيڪس فڪس ٽيڪس ۽ پلنٽي لڳائي بل موڪليو پيو وڃي، هو غريب چڪي وارو آھي، هن جو اضافي ناجائز  بل معاف ڪيو وڃي، رميش کتري چيو ته منهنجي چڪي تي پنج مڻ اٽي جي سيل آھي، ايترو بل ڪٿان ڀريان مون کي اضافي موڪليل بل معاف ڪري انصاف ڪيو وڃي.