ڪنري/نبي سر روڊ(نمائندن وٽان) ڪنري ويجھو نبي سر ٿر جي رهواسڻ بيواھ عظيمان ٻگھيو پنھنجي ڏيرن لال بخش ٻگھيو، غلام رسول، رسول بخش، لياقت ۽ ٻين خلاف دانھن کڻي پنھنجي نياڻين سميت صحافين وٽ پھچي احتجاج ڪيو،بيواھ الزام لڳائيندي چيو ته منھنجا ڏير منھنجي پلاٽ ۽ گھر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري بيدخل ڪرڻ جي سازش ڪن پيا ۽ عدالت ۾ دانھن ڏني جنھن تي عدالت تحفظ جو حڪم ڏنو آھي پر پوليس تحفظ نٿي ڏئي، هن چيو ته گذريل ڏينھن منھنجي ڏيرن منھنجي گهر تي حملو ڪري باھ ڏني ۽ بعد ۾ انھن پنھنجي گهر کي به باھ ڏي الزام اسان تي لڳايو آھي، نبي سر پوليس انصاف نٿي ڪري، دانھن ڪري ڪري ٿڪجي پيا آھيون، هاڻ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون پيا ڏين خوف ۽ مبتلا رھڻ سبب پنهنجو گهر ڇڏي جان بچائي نڪتي آھيان، بيواھ عورت جي ڌيءَ ذڪيه جو چوڻ هو ته اسان سخت خوف ۾ آھيون، ڪو والي وارث ناهي چاچا ويري بڻجي ويا آھن ۽ اسان جي جانين کي خطرو آھي، جڏھن ته بيواھ عورت جي نياڻي شاھد خاصخيلي به دانھيندي چيو ته آئون عظيمان جو نياڻو آھيان، لال بخش وارا منھنجا چاچائي سھرا بااثر آھن جيڪي مونکي به الٽو ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪن پيا ۽ الزام لڳائن پيا ته هي سڀ ڪجهه تون پيو ڪرين منهنجي جان کي به خطرو آھي، بيواھ عورت ۽ سندس نياڻين پاران آئي جي سنڌ، ڊ آئي جي ميرپورخاص، سيشن ڪورٽ عمرڪوٽ ۽ ٻين وس وارين اختيارين کان نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آھي.ٻئي پاسي الزام هيٺ آيل لال بخش ٻگھيو چيو آھي ته عظيمان وارن منھنجي گهر کي باھ ڏني آھي جنھن سبب منهنجون 3 ٻڪريون سڙي مري ويون آھن انصاف ڪيو وڃي .