ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ ايڪتا تقريب، سنڌ جي ثقافت سان لازوال محبتن جو اظھارخبر موجب پھرين ڊسمبر تي سنڌي ثقافت جو ايڪتا ڏهاڙو ملھائڻ لاءِ تياريون زور وٺي ويون آھن، ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي ڏنل سڏ تي “انتهاپسندي کان آجي سنڌ” جي عنوان سان ڪنري جي گورنمينٽ قاضي سلطان هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ثقافتي رنگارنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ شاگرد، استاد ۽ شھري سنڌي ٽوپيون، اجرڪون، پٽڪا ۽ ٻيا ثقافتي ويس وڳا پھري وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا، جڏھن ته شاگردن تقريرون ڪري سنڌي گيتن تي جھمريون ھڻي سنڌ جي ثقافت سان لازوال محبتن جو اظھار ڪندي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي، تقريب ۾ ڊپٽي ڊي اي او سيڪنڊري نادر گشڪوري، قاضي سلطان اسڪول جي پرنسپال رحمت الله لاشاري، فضل عمر اسڪول جي پرنسپال محبوب شاھ، ميمڻ ڪنري اسڪول جي پرنسپال زاھد آرائين، گسٽا جي ڊويزنل صدر جميل آرائين، موسيٰ سمون، سليم چانڊيو، ڌڻي بخش رند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسان جو وطن آھي ۽ سنڌ جي هزارين سال پراڻي تھذيب سان اسان کي محبت آھي، هنن چيو ته سنڌي ثقافت جو ڏينھن ملھائڻ جو مقصد نئين نسل کي پنھنجي ثقافت سان واقف ڪرڻ آھي.