ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ ميمن پيسٽيسائيڊ ۽ فرٽيلائزر  ڀاڻ ايجنسي جي مالڪ منظور حسين ميمڻ پاران علائقي جي ترقي پسند آبادگارن جي مان ۾ هڪ رنگا رنگ تقريب منعقد ڪئي وئي، آبادگارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، خوشنصيب زميندارن ۾ لاٽري ذريعي ٻه موٽرسائيڪلون، سون، ايل اي ڊيز، هزارين روپيا نقد ۽ سوين ٻيا انعام ڏنا ويا، تقريب جي پڄاڻي تي سنڌ جي مشهور گلوڪاره سائره سنڌو پنهنجي سُرن جا رنگ پکڙي ڇڏيا.