ڪنري(ن پ ا) ٽالهي ٿاڻي جي اي ايس آءِ عاشق علي چانڊيو مختلف جرائم پيشا ماڻهن سان مبينا ڊيلنگ ڪندي آڊيو رڪارڊ ليڪ ٿيڻ ۽ سادن ڪپڙن ۾ ڪارروائي جو ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير ميمڻ نوٽيس ورتو، ايس ايس پي عمرڪوٽ ٽالھي ٿاڻي جي اي ايس آءِ عاشق چانڊيو کي معطل ڪندي پوليس لائن رپورٽ ڪرڻ سان گڏ انڪوائري ويهارڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، معطلي واري عرصي دوران سندس پگهار ۽ مختلف الائونس به ڪاٽيا ويندا، ياد رهي ته ڪجهه ڏينھن اڳ ٽالهي ۾ راجا هاليپوٽو جي زمين تي پاڻي معامري تي ايس آءِ عاشق چانڊيو ۽ ٽالهي ٿاڻي جو ٻيو عملو سادي وردي ۾ هلان ڪرڻ جون وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي جرائم پيشه ماڻهن سان ڏيتي ليتي جي ڪال رڪارڊنگ پڻ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي ايس ايس پي عمرڪوٽ نوٽيس وٺندي اهڙو حڪم نامو جاري ڪيو.