ڪنري(ن پ ا) ڪنري ڀرسان پورهيت جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش ھٿ، وارثن خودڪشي قرار ڏيندي ڪاروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو. خبر موجب ڪنري ويجھو ٻسٽان شاخ لڳ ڳوٺ شھمير ٽالپر ۾ 25 سالن جي پورهيت ڀورو ڪولهي جو گهرن ڀرسان ٻٻر جي وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو اطلاع تي پوليس پھچي لاش تحويل ۾ ورتو، فوتي نوجوان جي وارثن واقعي کي خودڪشي قرار ڏيندي چيو ته فوتي نوجوان گهرو اڻبڻت تان ڦاھو کائي خودڪشي ڪئي آھي، فوتي چئن ٻارن جو پيءُ ھو، ڪنھن تي ڪو شڪ ناهي ۽ ڪوبه ڪاروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون جنھن بعد پوليس فوتي جو مڙھ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.