ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان هٿياربندن جو گھر تي حملو، ننڊ ستل نوجوان گولي ھڻي قتل، وارثن جو مخالفن تي مارڻ جو الزام، واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو، خبر موجب ڀڏو ڪپري ۾ فجر مهل موٽرسائيڪل سوار ٻن ھٿياربندن محرم ڪپري جي گھر تي حملو ڪري سندس نوجوان پٽ 25 سالن جي نادر علي ڪپري کي گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويا، مقتول نوجوان جو مڙهه تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، اطلاع تي ڪنري پوليس ۽ ڪپري برادري جا ماڻھو وڏي انگ ۾ اسپتال پھچي ويا، مقتول نوجوان جي پيءُ محرم ڪپري الزام ھنيو ته نوحاڻي برادري جي ماڻھن سان پراڻو تڪرار ھلندڙ ھو، گذريل رات اسان سمهيل هياسين ته فجر محل نوحاڻي برادري جي ماڻھن گھر تي  حملو ڪري پٽ کي گولي ھڻي قتل ڪيو آھي، جوابدار پنھنجي موٽرسائيڪل ويجھي علائقي ۾ ڇڏي ويا آهن، جيڪا پوليس پنھنجي حراست ۾ ورتي آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي،