ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري تعلقي جي يوسي فقير عبدالله جي ڳوٺ فتح محمد دل جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۾ مقرر استاد اٺن مھينن کان غير حاضر هجڻ سبب 150 کان وڌيڪ ٻارن جو مستقبل تباھ ٿيڻ لڳو، استاد نه اچڻ ۽ تعليم تباھ ٿيڻ تي اسڪولي شاگردن، شاگردياڻين ۽ وارثن احتجاجي مظاھرو ڪندي اسڪول گيٽ آڏو ڌرڻو ھڻي ڇڏيو، مظاھرين هٿن ۾ بلاول ڀٽو زرداري، سيد مراد علي شاهه، سيد سردار شاهه ۽ نواب تيمور ٽالپر جي تصويرن تي مطالبا لکرائي نعرا هنيا، ان موقعي تي شاگردن جي والدين الطاف دل، فتح محمد، مولوي اصغر، محمد دل، جمعون ميگھواڙ ۽ ٻين صحافين آڏو دانھيندي چيو ته سندس ڳوٺ جو پرائمري اسڪول 1990 ۾ قائم ٿيو جيڪو مسلسل بھتر نموني هلي رهيو هو پر ٻه سال اڳ مقرر ڪيل استاد 8 مھينن کان اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آھي 8 مھينن کان اسڪول ۾ مقرر استاد نٿو اچي، ٻار روزانو اسڪول اچن ٿا ۽ ويهي ويهي موڪل وقت هليا وڃن ٿا تعليم کاتي جي اختيارين کي بار بار دانهون ڪيون آھن ڪو ٻڌڻ ۽ پڇڻ وارو ناهي، هنن چيو ته اسڪول ۾ بنيادي سهولتون ناهن، پيئڻ جي پاڻي جي سهولت ناهي، ديواريون ختم ٿي ويون آھن 150 ٻارن لاءِ صرف هڪ ڪلاس روم آھي جنھن سبب سخت پريشانين ۾ آھيون، هنن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير سيد سردار شاهه ۽ ٻين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور نوٽيس وٺي اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري سهولتون فراھم ڪيون وڃن ٻي صورت ۾ ڌرڻو جاري رهندو.