ڪنري (ن پ ا) ڪنري پوليس جي ڪراچي ۾ ڪارروائي، ٽائون چيئرمين جي پئٽرول پمپ تي فائرنگ ۽ ڦر الزام واري ڪيس ۾ فرار ٿيل 3 جوابدار گرفتار، عدالت ۾ پيش، جيل حوالي، ان ڏس ۾ 6 ڏينھن اڳ ڪنري شھر جي عيد گاھ وٽ قائم ٽائون ڪاميٽي چيئرمين حاجي شڪيل باجوا جي پمپ تي مبينا فائرنگ ۽ روڪ رقم ڦر ڪرڻ  جو پمپ ميئنيجر راشد ظفر باجوا تي 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ھو، ان ڏس ۾ ڪنري پوليس ڪراچي جي سپر مارڪيٽ لالو کيت واري علائقي ۾  گھر تي ڇاپو هڻي  ڪيس نامزد ٽن ڀائرن راشد خاصخيلي، ارشد ۽ ساجد خاصخيلي کي ڪري ورتو. جوابدارن کي ڪنري عدالت پيش ڪيو ويو، عدالت جوابدارن کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو. ٻي طرف گرفتار جوابدارن چيو ته اسان ڪنهن به ڦر ۾ ملوث ناهيون، بيگناهه آهيون.