ڪنري(ن پ ا) ڪنري ويجھو ٻسٽان جي شوو نگر ڪالوني ۾ 31 سالن جي ڪستوري زال موهن ڪولهي جو گهر اندر ٽنگيل لاش مليو، اطلاع تي ڪنري پوليس پھچي لاش کڻائي تعلقي اسپتال ڪنري پھچايو، جتي فوتي عورت جي مڙس موھن ڪولهي ٻڌايو ته گهر واري مونکي مال چارڻ لاءِ نه وڃڻ جو چيو پر آئون چوپايو مال چارڻ هليو ويس، جنھن تي هو ناراض هئي ۽ هن ڦاھو کائي آپگھات ڪيو آھي، ڪنھن تي ڪو شڪ ناهي، ڪو به ڪاروائي ڪرائڻ نٿا چاهيون، فوتي عورت 3 ٻارن جي ماءُ هئي، هوڏانھن اسپتال مان مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.