ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجھو ڳوٺ ميوو خان کوسو وٽ اڳوڻي ايم پي اي سيد امير علي شاھ جي گاڏي ۽ موٽرسائيڪل سان حادثي جي نتيجي ۾ ھڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو. ٻڌايو پيو وڃي ته اڳوڻو ايم پي اي سيد امير علي شاھ ڳوٺ ميوو کوسو ۾ تعزيت ڪندي واپسي نڪتو ته سندس گاڏي سان سامھون ايندڙ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان 6 ٻارن جو پيءُ 40 ورھين جو والجي ڪولھي تڏي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ساڻس گڏ ويندڙ ٻيو نوجوان 25 ورھين جو آسن ڪولھي زخمي ٿي پيو،  حادثي جي فوتي جو مڙھ ۽ زخمي کي تعلقي اسپتال ڪنري آندو ويو. اطلاع تي ڪنري ٿاڻي جو ايس ايڇ او وجئه ڪمار کتري، ٽائون ڪميٽي چيئرمين حاجي شڪيل باجوا، اڪبر علي درس سميت فوتي نوجوان جا وارث تعلقي اسپتال ڪنري پھچي ويا، اڳواڻن پاران فوتي نوجوان جي وارثن کي آٿت ڏني ۽ سندس ھر ممڪن مدد جو يقين ڏياريو، فوتي نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان ڪابه ڪارروائي نٿا ڪرايون ۽ واقعو حادثاتي طور پيش آيو آھي، جنھن بعد پوليس ضروري ڪاروائي ڪندي فوتي جو مڙھ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، فوتي جو مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.