ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان نوجوان ٽن ڏينھن کان پراسرار نموني گم، وارث پريشان، ان ڏس ۾ ٽوڀان شاخ اسٽاپ واسي 20 ورھين جو نوجوان نريش ولد ھيمون ڪولھي گم ٿي ويو، نوجوان جي وارثن ڪنري ٿاڻي پھچي نوجوان جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي. ٻي طرف نوجوان جي وارثن موجب ته نوجوان جو دماغي توازن درست ناهي، سندس ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.