ڪنري (ن پ ا) ڪنري ۾ نائين درجي جي شاگردياڻي مبينا اغوا، والد جي فرياد تي چئن ڄڻن خلاف چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت ڪيس داخل، خبر موجب ڪنري شھر جي شھباز پاڙي جي رهواسڻ نائين درجي جي شاگردياڻي آئزه ڌيءِ عمران مارواڙي مبينا طور اغوا ٿي وئي، شاگردياڻي جي والد عمران مارواڙي ڀٽي ڪنري ٿاڻي تي پھچي چئن جوابدارن خلاف ڌيءَ جي اغوا جو چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو، ڪيس ۾ جنيد جميل مارواڙي، اويس، طلحه ۽ امين مارواڙي کي نامزد ڪيو ويو، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آھي ته منهنجي نياڻي 14 سالن جي آھي، جوابدار منهنجي نياڻي آئزه عمران کي اسڪول وڃڻ وقت اسڪول جي ڀر مان اغوا ڪري ويا منھنجي ڌيءَ نابالغ آھي ۽ شڪ آھي ته کيس ورغلائي نڪاح ڪيو ويندو، فوري طور شاگردياڻي کي بازياب ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي ٻئي پاسي ڪنري پوليس ڪيس جي جاچ آفيسر عمرڪوٽ غلام مصطفيٰ شاهه حوالي ڪري ڇڏي آھي،آخري اطلاع تائين ڪا به جوابدار گرفتاي ناهي ٿي سگهيو.