ڪنري (رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري مان مبينا اغوا ڄاڻايل هندو نابالغ نياڻي جو ننڍي ڄمار ۾ نڪاح ڪرائڻ جو انڪشاف، والد جي فرياد تي 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل، 1 ڄڻو گرفتار، ناري جي وارثن جو احتجاج، تفصيل موجب ڪنري شھر جي جوزف آباد پاڙي مان ڏيڍ مھينو اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل 13 سالن جي هندو نينگري ناجو ڌيءَ آسن ڪولهي جو ننڍي ڄمار ۾ نڪاح ڪرائڻ جو انڪشاف سامهون آيو آھي، نينگري جي اغوا تي مسلسل دانهون ڪندڙ نينگري جي والد آسن ڪولهي جي فرياد تي چار جوابدارن علي گشڪوري، لالو، مھراڻ ۽ گلاب گشڪوري خلاف ڏيڍ مھيني بعد ڪنري ٿاڻي تي چائلڊ ميريج ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ڪيس ۾ نينگري جي زوري اغوا، نابالغي ۾ شادي ۽ گھر ۾ گھڙڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آھن، نينگري جي والد آسن ڪولهي ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته گذريل مھيني جي 6 تاريخ تي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن گهر ۾ داخل ٿي هٿيارن جي زور تي سندس 13 ورھين جي ڌيءَ ناجو کي اغوا ڪري کڻي ويا، بعد ۾ جوابدارن سندس ڌيءَ جو ننڍي ڄمار ۾ نڪاح ڪرائي ڇڏيو، ان وقت پوليس کي دانھن ڏني پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو ۽ واپس موٽائي ڇڏيو، نينگري جي ماءُ هنجو ڪولهي ۽ پيءُ آسن صحافين آڏو احتجاج ڪندي روئيندي چيو ته نينگري جي اغوا ڏينھن ھنن دانهون ڪيون ته جوابدارن جي چڱن مڙسن نينگري کي موٽائي ڏيڻ جو آسرا ڏيندا رهيا ۽ ڪنري پوليس ڪيس وٺڻ کان انڪار ڪندي وومين پوليس عمرڪوٽ ڏانھن وڃڻ جو چئي روانو ڪري ڇڏيو، ڪورٽ ۾ وياسين ته درخواست رد ڪئي وئي، آخرڪار مسلسل دانھن ڪرڻ تي پوليس ڪيس داخل ڪيو آھي، نياڻي جو پيدائشي سرٽيفيڪٽ ۽ اسڪول جا سرٽيفيڪٽ موجود آھن، نياڻي ننڍي آھي، اسان غريب ۽ مسڪين ماڻھو آھيون، جوابدارن ننڍي ڄمار ۾ نينگري کي اغوا ڪري ويا ۽ ظلم ڪيو آھي، هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، اعليٰ عدالتن ۽ وس وارين اختيارين کان پرزور مطالبو ڪندي گهر ڪئي آھي ته نوٽيس وٺي سندن نياڻي موٽائي ڏني وڃي ۽ جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي، ٻئي طرف پوليس ڪاروائي ڪندي ڪيس ۾ نامزد هڪ جوابدار علي گشڪوري کي گرفتار ڪري ورتو آھي، ڪنري پوليس ڪيس داخل ڪندي جانچ وومين پوليس عمرڪوٽ حوالي ڪري ڇڏي ۽ وومين پوليس پاران واقعي جي جانچ شروع ڪئي وئي آھي، رابطو ڪرڻ تي وومين پوليس جو چوڻ آھي ته ڪيس داخل ڪندي ابتدائي ڪاروائي ۾ هڪ جوابدار گرفتار ڪيو آھي، نينگري جي بازيابي ۽ مک جوابدار جي هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا ۽ جلد هٿ ڪنداسين، هوڏانهن ضلعي چائلڊ پروٽيڪشن آفيسر ممتاز ڀٽي پاران به نينگري جي عمر ننڍي هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي، ممتاز ڀٽي جو چوڻ هو ته ناجو ڪولهي جي واقعي جي مڪمل جانچ ڪئي آھي جنھن ۾ سندس ڄمار ننڍي آھي نينگري جو ننڍي ڄمار ۾ نڪاح ٿيو آھي جيڪو قانوني ڏوھ آھي، اسان اھڙي رپورٽ چائلڊ پروٽيڪشن کي عملدارن کي اماڻي ڇڏي آھي.